ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سال 2024 لاءِ سنڌ جي سمورين ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽن لاءِ يونٽ پاليسيءَ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب سنڌ جي سمورن ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججز لاءِ مخلتف ڏوهن جي هلندڙ ڪيسن جي فيصلن ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ڪهڙي ڏوهه جا ڪيتري عرصي اندر ڪيترن ڪيترن ڪيسن جو ۽ ڪيتري عرصي اندر اڪلائڻو آهي، رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل يونٽ پاليسي اڄ کان يعني 1 آڪٽور 2024 کان لاڳو هوندي. جاري ڪيل پاليسيءَ ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته بنا ضروري ۽ اڪلاءَ جهڙن ڪيسن جو ترتيب وار اڪلاءَ ڪرڻو آهي. پهرين نمبر تي اهي ڪيس جن ۾ رڳو شاهديون رڪارڊ ڪرڻيون آهن، اهڙا گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪيس مهيني ۾ اڪلائڻا آهن. قتل يا زوري زنا جو هڪ ڪيس. (265 ) سي آر پي سي ( پوليس انڪائونٽر ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيس مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3- ڪيس. ( 265) سي آر پي سي ( خون جا ڪيس ) 3 کان 8 ( ڪيس جي پراڻي هجڻ) جي حوالي سان. ( 265) / (ڪي ) سي آر پي سي ڪيس ، ڪيس داخل ٿيڻ جي هڪ سال اندر ان جو فيصلو ٿيڻ گهرجي. ( 249) – (اَي ) سي آر پي سي جو فيصلو 6- مهينن اندر ٿيڻ گهرجي. (249) سي آر پي سي جو فيصلو 6- مهينن اندر، ( 263) ، ( 265)، 243 ۽ 265 اِي سي آر پي سي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي، 245 ( اِي ) سي آر پي سي درخواست داخل ٿيڻ تي ۽ فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي، 491-( اِي) سي آر پي سي جا ڪيس حبس بي جا جي درخواست جاري ٿيڻ تي، ڏوهه جي ضمانت جاري ٿيڻ جهڙا ڪيس درخواست داخل ٿيڻ تي ختم ڪيا ويندا، 497 –( اِي) سي آر پي سي گرفتاري بعد ضمانت نه ٿيڻ جهڙا ڪيس، درخواست داخل ٿيڻ تي ختم ڪيا ويندا، 497 (5) سي آر پي سي گرفتاريءَ بعد ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ. 498 ( اِي) سي آر پي سي گرفتاريءَ کان اڳ درخواست تي فيصلو، 203( اِي) سي آر پي سي شڪايت خارج ڪرڻ تي، ڪمپلينٽ ڪيس پنجن سالن کان مٿي وارا، 2،3 کان 5 سال مٿي وارا 4 ڪيس، ٽن سالن مٿي وارا 6 ڪيس، (265) (ڪي) اِي سي آر پي سي حڪم نامي ذريعي ڪيس رد ڪرڻ، ڪرمنل اپيل 6 ڪيس 3 مهينن ۾ ، پريليمينري انڪوائري ڪيس( اِي) سي آر پي سي ( 202) ڪرمنل ٽرانسفر ايپليڪيشن تي اِي سي آر پي سي 227، 516 – اَي517، 523، 540 ستن ڏينهن اندر . پوليس جا رپورٽ ڪيل ڪلاس بي ۽ سي جي ڪيسن جو 15- ڏينهن اندر اڪلاءُ، رينٽ جا مهيني ۾ 4 ڪيس، زمينن جي تنازعن جا مهيني ۾ 6 ڪيس ، 3 مهينن اندر، سول ڪيس 4 چئن مهينن اندر، جائداد جي تنازعن جا 6 ڪيس 3 مهينن اندر ، واپاري تنازعن جا 6 ڪيس ٽن مهينن اندر، سنڌ آرمس ايڪٽ 2013 جي ڪيسن جو، ڪيس داخل ٿيڻ جي هڪ سال اندر اڪلاءُ ڪرڻ. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران جاري ڪيل هدايتون پهرين آڪٽوبر 2024 کان لاڳو هونديون. جڏهن ته پاليسي ٻن قسمن جي ڪيسن جي حوالي سان جاري ڪئي وئي آهي، هڪ سب سٽينشل ڪيس ۽ ٻيو ڪمپليسري ڪيس، سنڌ ڊسٽرڪٽس ۽ سيشن ڪورٽس لاءِ لازم قرار ڏنو ويو آهي ته هر ڪورٽ 75 سبسٽينشل ڪيس ۽ 50 ڪمپليمينٽري ڪيس هلائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.