جسٽس منيب بي اعتمادي رٿ تي ووٽ جائز قرار ڏيڻ واري سوال کان فرار ٿيو

لاهور (معظم فخر) سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته پنجن بدران 4 جج عدالت ۾ داخل ٿيا. جسٽس منيب اختر جو خط ٻڌڻي کان اڳ پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ بنا ڪنهن جو نالو وٺڻ جي اهو چيو ويو ته هو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جو حصو نٿو بڻجي سگهان. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر به ساڳيو ئي اعتراض ڪيو. جج ۽  وڪيل وچ ۾ اتفاق راءِ به اهميت جوڳي آهي ۽ اهو اشارو آهي ته ڄاڻي واڻي ائين ڪيو ويو آهي. جسٽس منيب اختر ان سوال کان ڀڄي رهيو آهي ته جنهن وقت عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ وارو معاملو هو ته ووٽ جي ڳڻپ جائز هئي ۽ پنجاب جي ڳالهه آئي ته پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ غلط ڪيئن ٿي ويو؟ جسٽس منيب کي ان ڳالهه جو اندازو هو ته ٽن ججن آئين کي ٻيهر لکندي بي اعتمادي رٿ جي ووٽن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو جيڪو جمهوري روايتن خلاف هو. بينچ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شامل هو جنهن جي ڪري انهن ججن تي روز ٻڌڻي دوران سندن ان وقت جي ريمارڪس تي چٿرون ٿين ها ۽ ان وقت جو ذڪر ٿئي ها جنهن کان جسٽس منيب ڀڄي رهيو آهي. جيڪڏهن سندس موقف اصولي هجي ها ته جسٽس منيب اختر عدالت ۾ اچي ها ۽ ٻيو ڪو موقف اختيار ڪري ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.