آرٽيڪل 63 نظرثاني بئنچ تي تڪرار، جسٽس منيب جو احتجاج، حڪم غيرقانوني قرار

اسلام آباد ( م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر طرفان ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار تي رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ڪم ڪرڻ بند نٿي ڪري سگهي، اسان کي هتي رڳو ڪيسن جي فيصلا ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي، نظرثاني ۾ هڪ اهم نڪتو آهي جيڪو عام طور گورننس کي متاثر ڪري رهيو آهي، جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي قانون جي اِها نيت نه آهي ته آئيني حقن جا فيصلا نه ٿين ۽ سپريم ڪورٽ اسٽينڊ اسٽل ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪو رڪن شامل نٿو ٿيڻ چاهي ته اِها سندس مرضي آهي، سپريم ڪورٽ ڪم ڪرڻ بند نٿي ڪري سگهي، هتي اسان کي رڳو ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس منيب اختر جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ملتوي ڪئي وئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس مظهر عالم عدالت جي ڪمري ۾ پهتا جڏهن ته جسٽس منيب  اختر عدالت جي ڪمري ۾ نه آيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسي اٽارني جنرل کي روسٽرم تي سڏايو ۽ رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي حوالي سان لارجر بئنچ اڄ ٺهي هئي، ڪيس جو فيصلو ماضي ۾ پنج رڪني بئنچ ٻڌو هو، جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو آهي، جيڪو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسي پڙهي ٻڌايو، جسٽس منيب اختر پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته هو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ناهي ڪري رهيو، هڪ ڀيرو بئنچ ٺهي وڃي ته پوءِ ڪيس ٻڌڻ کان معذرت رڳو عدالت ۾ ئي ٿي سگهي ٿي، جسٽس منيب اختر لکيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جي جوڙيل بئنچ جو حصو نٿو بڻجي سگهان، بئنچ ۾ ويهڻ کان انڪار ناهيان ڪري رهيو، بئنچ جو حصو نه بڻجڻ تي غلط مطلب نه ڪڍيو وڃي، منهنجي خط کي نظرثاني ڪيس رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي ته سڀاڻي بئنچ هڪ ڀيرو ٻيهر ويهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر ڪميٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪميٽي تڏهن ئي بئنچ جوڙِي سگهي جڏهن ٽئي ميمبر موجود هجن، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي خط کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي روايت نه آهي، جسٽس منيب جو خط عدالتي فائل جو حصو نٿو بڻجي سگهي، مناسب ٿيندو ته جسٽس منيب اختر بئنچ ۾ اچي پنهنجي راءِ ڏئي، مون اختلافي راءِ جي هميشه حوصلا افزائي ڪئي آهي، نظرثاني ڪيس ٻن ورهين کان ٻڌڻي هيٺ آهي، چيف جسٽس چيو ته 63 اي انتهائي اهم ڪيس آهي، جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار عدالت ۾ ٿيندو آهي، جسٽس منيب جي راءِ جو احترام ڪريون ٿا، قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته قانون جي گهرج آهي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي اِها ئي بئنچ ڪري، اڳوڻي چيف جسٽس جي جاءِ مون پوري ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن جي جاءِ تي جسٽس امين الدين کي شامل ڪيو ويو، جسٽس منيب اختر کي درخواست ڪنداسين ته بئنچ ۾ ويهي، چيف جسٽس، جسٽس منيب کي بئنچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته جسٽس منيب اختر کي بئنچ ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ٻي صورت ۾ بئنچ جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي ويندي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اميد آهي ته جسٽس منيب اختر ٻيهر بئنچ ۾ شامل ٿي ويندو، جسٽس منيب اختر بئنچ ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه، ٻنهي صورتن ۾ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته نظرثاني ۾ هڪ اهم نڪتو آهي جيڪو عام طور تي گورننس کي متاثر ڪري رهيو آهي، جسٽس منيب اڄ به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس منيب اختر ٽي روم ۾ به موجود هو، هڪ ڀيرو بئنچ ٺهي وڃي ته سموري ڪارراوئي عوامي جي آڏو ٿيڻ گهرجي، جسٽس منيب اختر جيڪڏهن نه آيو ته سڀاڻي ٻيو دستياب جج سندس جاءِ تي بئنچ جو حصو بڻايو ويندو، سپريم ڪورٽ آرٽيل 63 اي تشريح واري فيصلي جي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي اڄ صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر آرٽيڪل 63 جي نظرثاني بئنچ کان ڌار ٿيڻ بابت ۽ ٻڌڻي بابت 2 ڌار ڌار خط لکيا آهن، ٻڌڻي بعد سپريم ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي هڪ ٻيو خط لکيو،  خط ۾ جسٽس منيب اختر ٿيل ٻڌڻي جي حڪم نامي کي غير قانوني قرار ڏنو، جسٽس منيب خط ۾ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي 5 رڪني لارجر بينچ کي ڪرڻي هئي، 4 رڪني بينچ عدالت ۾ ويهي آرٽيڪل 63 اي جي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته ٻڌڻي جو حڪم نامو مون ڏانهن موڪليو ويو آهي، آرڊر ۾ منهنجو نالو لکيل آهي پر اڳيان صحيح ٿيل ناهي، بينچ ۾ ويٺل 4 جج قابل احترام آهن پر ٿيل ٻڌڻي قانون ۽ رولز موجب ناهي، جسٽس منيب خط جي متن موجب مان پنهنجي موقف کي اڳوڻي خط ۾ تفصيل سان بيان ڪري چڪو آهيان پر ٻڌڻي جي حڪم نامي تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته اڄوڪي ٻڌڻي جو حڪم عدالتي حڪم ناهي، آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني ڪيس جي حڪم جي ڪا حيثيت ناهي.ان کان اڳ لکيل خط ۾ جسٽس منيب  اختر چيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس 5 رڪني لارجر بينچ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو، جيڪا بئنچ 23 سيپٽمبر جي ججز ڪميٽي ۾ ترميمي آرڊيننس تحت جوڙي وئي، هن چيو ته ترميمي آرڊيننس تحت بينچن جي جوڙجڪ بابت سينيئر جج خط ۾ آئيني سوال اٿاريا آهن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جواب ۾ سينيئر جج کي خط لکيو، چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ آئيني سوالن جو جواب ناهي ڏنو، هن لکيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خط تي مهم شروع ٿي وئي، چيف جسٽس ڪميٽي ۾ سينيئر جج جي سربراهي ۾ بئنچ جوڙڻ جي راءِ ڏني، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس هاڻي بئنچ جو سربراهه ڇو بڻجي ويو آهي، سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن، لارجر بينچ ۾ ايڊهاڪ جج جسٽس مظهر عالم ميان خيل کي شامل ڪيو ويو، 19 جولاءِ تي ججز ڪميٽي ۾ ايڊهاڪ ججن جا معاملا طئي ٿيا، اهو درست آهي ته جسٽس مظهر عالم ميان خيل فيصلو ٻڌائيندڙ بينچ جو حصو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.