ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان تڪراري ڪوٽا سسٽم ۾ وڌيڪ 20 سالن جي واڌ ڪرڻ تي احتجاج ڪندي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حڪومت اختيارن کي هيٺئين سطح تي منتقلي ڪرڻ جو واعدو پورو نه ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم 20 سالن تائين وڌايو ويندو ته پوءِ اسان جو اسيمبلين ۾ رهڻ ممڪن نه هوندو.