اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جو اجلاس اڄ صبح طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جو اجلاس 9 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو. اجلاس آرٽيڪل 63 اي جي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي ۾ جسٽس منيب اختر جي بينچ ۾ نه ويهڻ جي خط کانپوءِ گهرايو ويو. ذريعن موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تحت 3 رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي.