ڪوئيٽا (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده عدالتي نظام جمهوري ناهي، جيڪي ويٺا آهن، انهن جي مرضيءَ هلندي آهي، جنهن کي جج بڻائڻو آهي، انهن جو ميرٽ اهو آهي ته جيڪي ننڍن صوبن تي گهٽ ۽ وڏي صوبي ۾ وڌيڪ پورا لهندا آهن، انهن کي جج بڻائيندا آهن، اسان کي آئيني عدالت نه رڳو قائم ڪرڻي آهي پر صوبائي سطح تي به سڌارا آڻڻا آهن ۽ ججن جي مقرري جي طريقيڪار ۾ به تبديلي آڻڻي آهي، اسان کي ڪاري ڪوٽ يا ڪنهن جي ڌمڪي ۾ ناهي اچڻو، صرف عوام وٽ اها طاقت آهي ته هو صحيح ڪري رهيو آهي يا غلط. ڪوئيٽا ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو نظريو نسلن کان هلندو پيو اچي، غلط کي غلط چوندا آهيون، ملڪ ۾ هن وقت جيڪي آهن، انهن جو ڪو حل ناهي، هن چيو ته پ پ جو نظريو واضح آهي، هو ڪوشش ڪندا ته اهڙو متفقه دستاويز ٺاهيو وڃي جيڪو محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي خواهش مطابق هجي، اسان هڪ اهڙي آئيني عدالت بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن کي برابري جي نمائندگي حاصل هجي.هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويڙهه جاري آهي، اسلام آباد ۾ وڏا هاٿي وڙهندا آهن، وفاقي راڄڌاني ۾ ويڙهه جو بلوچستان سان ڪو به تعلق ناهي، بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جو عدالتي نظام دهشتگردي جي متاثرن کي انصاف نٿو ڏئي سگهي، دهشتگردي ۾ انصاف گهرندڙ عام ماڻهو کي چيو وڃي ٿو ته اوهان جو وڪيل صحيح ناهي، 50 سيڪڙو ڪيسن ۾ اسان جا جج سزائون نٿا ڏئي سگهن.ان کان اڳ ٻوڏ متاثرن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ چار سئو ملين ڊالرز جو قرض حاصل ڪيو جيڪو وفاق پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته وفاق جو حصو سنڌ کي ڏياريو وڃي، چار سئو ملين ڊالرز جو ورلڊ بئنڪ وارو قرض هجي يا سنڌ ۾ جاري ورلڊ بئنڪ جو رٿائون هجن يا وري يورپي يونين طرفان اعلانيل ست سئو ملين يوروز جي امداد هجي، اِها سموري فنڊنگ مون پرڏيهي وزير طور گڏ ڪئي ۽ وزيراعظم سان گڏ بيهي دنيا جي آڏو مدد جون ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته سنڌ ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان گهر ٺاهڻ ۽ روڊن جي بحالي جون رٿائون جاري آهن، هائوسنگ جو منصوبو سندس آهي جيڪو هن ورلڊ بئنڪ جي آڏو رکيو ۽ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو جنهن جو مقصد بي گهر ماڻهن کي ٻيهر رهائش ڏيڻ هو، گڏوگڏ کين زمين جا مالڪاڻا حق به ڏيڻا هئا جنهن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي اِهي پئسا ڪنهن وفاقي يا صوبائي بابو جي حوالي نه ڪيا، انهن پئسن جي حفاظت صوبائي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتو ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ هوته اسان منصوبي کي آئوٽ سورس ڪيو ته جيئن شفافيت رهي، منصوبي ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت ٻنهي جي فنڊنگ آهي، ٻاهريان ملڪ واعدو پورو ڪري رهيا آهن اِهي سمورا واعدا اسان بلوچستان لاءِ پورا ڇو نٿا ڪري سگهون؟ اِها بلوچستان سان ناانصافي آهي، پ پ چيئرمين چيو ته چار سئو ملين ڊالرز جو اِهو قرض جيڪو هن عالمي بئنڪ کان حاصل ڪيو اهي ڊالرز وفاق پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ۽ اسان کي رپيا ڏئي رهيو آهي، ورهيه گذري ويا اڄ تائين وفاق ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ گهر به ناهي ٺاهيو، چاهيان ٿو ته وفاق ٻوڏ متاثرن کي اِها رقم پهچائي، اِهو ڪم ضرور ڪيو وڃي، سنڌ جي رٿابندي واري وزير سان گڏجي، ورلڊ بئنڪ کان پهريان صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي، بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ بند ڪيو وڃي.
ڪراچي(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي ڪنهن خاص شخص لاءِ آئيني ترميم ناهي ڪرڻي، نه وري ڪريون ٿا، مولانا فضل سان گڏجي مسودو تيار ڪري رهيا آهيون، جنهن ڏينهن 2 ڀاڳي 3 اڪثريت ملي، آئيني ترميم پاس ڪرائي وٺنداسين.پوءِ اها اڪثريت سڀاڻي ملي يا پرين ملي، بلاول چيو ته ججن جي هاڻي دلچسپي اها ناهي رهي ته عوام کي انصاف ڏيڻو آهي، هتي رڳو سياسي ڪيسن کي اهميت ڏني ويندي آهي، هر عهدي کي تڪراري بڻائڻ پي ٽي آءِ جي هميشه ڪوشش رهي آهي، اها قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪري رهي آهي، قاضي فائز عيسيٰ پهريون چيف جسٽس آهي، جنهن صدر وانگر پنهنجا اختيار پاڻ گهٽ ڪيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسين ڪافي عرصي کان عدالتي سڌارن لاءِ سياست ڪري رهيا آهيون، آئيني ترميمن جي حوالي سان پ پ جو ڪردار اهو هو ته حڪومت کي مشورا ڏئي رهيا هئاسين،مولانا جي اعتراضن بعد حڪومت چاهيو ته جي يو آءِ سميت سمورين پارٽين کان راءِ ورتي وڃي، حڪومت ۽ مولانا مسودن وچ ۾ فاصلو ڊگهو هو، اسان گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.اسان جي ڪوشش آهي ته پ پ جي ترميمن تي مولانا فضل الرحمان کي پرچائي وٺون.هن چيو ته ترميم پاس نه ٿيڻ کي حڪومت جي ناڪامي نه چوندس پر حڪومت ترميمون پيش نه ڪري سگهي.آئيني عدالت جي ڳالهه نئين ناهي، عدالتي سڌارا ميثاق جمهوريت جو حصو آهن، 2006 کان سڌارن لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا آهيون، وقت تي اعتراض ڪندڙ ٻڌائيندڙ ته اڄ نه ته، ڪڏهن سڌارا آڻيون؟ آئيني بئنچ ٺاهڻ سان سمورا مسئلا حل نه ٿيندا، بلاول چيو ته دنيا جي ڪهڙي عدالت آهي جيڪا ٽماٽن ۽ پٽاٽن جا اگهه مقرر ڪري ٿي ۽ ڊيمن لاءِ فنڊ گڏ ڪري ٿي؟ دنيا جو ڪو هڪڙو ملڪ ٻڌايو جتي ججن جي مقرري جج ڪندا هجن؟ آمريڪا ۾ مقرر ٿيندڙ جج کان پارليامينٽ ڪميٽي ڏکيا سوال پڇندي آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان نظام ۾ بهتري لاءِ هميشه پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي آهي، قيدي نمبر جيڪو به آهي اهو بيان جاري ڪري ڇڏيندو آهي ته ڳالهيون نه ڪنداسين، هن وقت مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ وارن کي انگينج ڪري رهيو آهي.