ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) وفاقي حڪومت پاران جماعت اسلامي سان ڪيل معاهدن تي عمل نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾بجلي جي بلن ۾ ظالماڻي ٽيڪس ۽ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، ٺٽي ۾ حافظ نصر الله چنه، وڪيل عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو ، محرم خاصخيلي ۽ ٻين احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪيو. هوڏانهن بدين ۾ عبدالقدوس احمداڻي، ضلعي صدر سيد علي مردان شاھه گيلاني، غلام رسول احمداڻي، عظيم منصوري، سليم عثماني، عبدالڪريم بليدي، جنيد الرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.ٻئي طرف سکر ۾ مولانا حزب الله جکرو، سٽي امير زبير حفيظ شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ڪنڌڪوٽ ۾ عبيدالله گولو، رفيع الدين چنو، غلام شبير ميراڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. جيڪب آباد ۾ ضلعي امير ديدار حسين لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مختلف هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجيٽ ۾ عوام مٿان ڳاٽي ٽوڙ ٽئڪس لڳايو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو بڻيل آهي، ڪرپشن عام ٿي چڪي آهي، پيٽرول ۽ بجلي صرف اشرافيا لاءِ مفت آهي، انهن جو بار به عوام تي وڌو پيو وڃي، عوام مهانگائي جي ور چڙهيل آهي، بجلي جي قيمتن ۾ روزانو اضافو، بلن ۾ ظالماڻي ٽئڪس ۽ بدترين لوڊشيڊنگ خلاف خاموش نه ويهنداسين، عوام کي اٿڻ گهرجي ۽ استحصال ڪندڙ چهرن کي رد ڪرڻ گهرجي، جماعت اسلامي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ ملڪ کي بحرنن مان ٻاهر ڪڍندي.