دولتپورصفن ( ن ع آ)پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري جو ڀائيٽو مقيم ڏاهري کي دولتپورصفن پوليس ڦر جو ڪيس داخل ڪري کيس ظاهر ڪري ڇڏيو ،دولتپورصفن جي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري مقيم ڏاهري کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ لاءِدولتپورصفن پوليس حوالي ڪيو ويو،واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ مقيم ڏاهري پنهنجي چاچي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري جي حيدرآباد جيل مان سندس آزادي لاءِ بيٺل هيو ته نوابشاھ جي پوليس حيدرآباد جيل ٻاهران پ پ تعلقي قاضي احمد جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري علي رضا ڏاهري ۽ سندس ڀائيٽي مقيم ڏاهري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد گم ٿيل مقيم ڏاهري کي دولتپورصفن پوليس هڪ ڦر جي ڪيس داخل ڪري ايف آئي آر نمبر 153 ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.