يوٽيوب تان ڪمائڻ جي شوقينن لاءِ اهم خبر! مونيٽائيزيشن جي شرطن ۾ نواڻ

دنيا جي لکين ماڻهن لاءِ يوٽيوب رڳو وندر جو ذريعو نه، پر ڪمائي ڪرڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم پڻ آهي، جتي مواد تيار ڪندڙ پنهنجي وڊيوز ذريعي ڪمائين ٿا. پر هاڻي يوٽيوب تان پئسا ڪمائڻ جي خواهشمند ماڻهن کي مونيٽائيزيشن حاصل ڪرڻ واري شرطن ۾ نواڻ آندي وئي آهي.

اربين واهپيدارن پاران استعمال ٿيندڙ هن وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم تخليقي صلاحيت رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي وڊيوز ذريعي ناظرين تائين پهچڻ ۽ آمدني حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. يوٽيوب پارٽنر پروگرام (YPP) ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ واهپيدار اشتهارن، چينل ميمبرشپ، سپر چيٽ ۽ شين جي وڪري سميت مختلف ذريعن مان ناڻو ڪمائي سگهن ٿا.

بهرحال، ڪمپني پارٽنر پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گهربل ڪجهه هدفن ۾ نمايان واڌ ڪئي آهي. اڳ يوٽيوب تان ڪمائي حاصل ڪرڻ لاءِ چينل تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار سبسڪرائبر ۽ گذريل 12 مهينن دوران ڊگهي وڊيوز کي گڏي طور 4 هزار ڪلاڪ ڏسڻ جا شرط هئا، پر هاڻي ڊگهي وڊيوز لاءِ گهربل واچ ٽائيم وڌائي 8 هزار ڪلاڪ ڪيو ويو آهي.

مطلب هاڻي نون واهپيدارن کي يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ سال دوران پنهنجي ڊگهي وڊيوز تي گهٽ ۾ گهٽ 8 هزار ڪلاڪن جو واچ ٽائيم حاصل ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ شارٽس ذريعي مونيٽائيزيشن حاصل ڪندڙن لاءِ به ويوز جو هدف وڌايو ويو آهي.

نئين پاليسي تحت شارٽس وڊيوز ذريعي ڪمائي حاصل ڪرڻ جا خواهشمند واهپيدار گذريل 90 ڏينهن دوران 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏسڻيون حاصل ڪرڻيون پونديون. ان کان اڳ شارٽس ذريعي ڪمائي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ ڏسڻين جو شرط هو، جنهن جو مطلب آهي ته هاڻي اهو هدف ٻيڻو ڪيو ويو آهي.

يوٽيوب موجب نوان شرط هڪ فيبروري 2027ع کان لاڳو ٿينديون، جڏهن ته جيڪي واهپيدار اڳ ئي يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو آهن، انهن تي هن تبديلي جو سڌو اثر نه پوندو.

ڪمپني شارٽس بابت مستقبل جي پاليسي به واضح ڪري ڇڏي آهي. يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شامل رهڻ لاءِ واهپيدارن کي 90 ڏينهن دوران هڪ ڪروڙ ڏسڻين جي حد برقرار رکڻي پوندي. جيڪڏهن ڪو واهپيدار اهو هدف برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو ته هو پارٽنر پروگرام جو حصو رهندو ۽ ڊگهي وڊيوز مان آمدني حاصل ڪندو رهندو، پر شارٽس مان ٻيهر آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر 90 ڏينهن اندر هڪ ڪروڙ ڏسڻيون حاصل ڪرڻيون پونديون.

يوٽيوب جو چوڻ آهي ته انهن تبديلين جو مقصد پليٽ فارم تي تيزيءَ سان وڌندڙ سرگرمين سان هم آهنگ رهڻ آهي. ڪمپني موجب هن وقت يوٽيوب تي روزانو 200 ارب کان وڌيڪ شارٽس وڊيوز ڏٺيون وڃن ٿيون، جڏهن ته رڳو ٽي وي اسڪرينن تي ئي واهپيدار روزانو لڳ ڀڳ هڪ ارب ڪلاڪن جي برابر يوٽيوب وڊيوز ڏسن ٿا.

نون ضابطن سبب يوٽيوب تي نون مواد تيار ڪندڙن لاءِ پارٽنر پروگرام ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان ۾ برقرار رهڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي شارٽس تي ڀاڙيندڙ واهپيدارن کي هاڻي وڌيڪ وڏو ڏسڻين جو هدف حاصل ڪرڻ سان گڏ ان کي برقرار رکڻ جو چئلينج پڻ درپيش هوندو.

You might also like