ليبيا ۾ فوجي انٽيليجنس سربراهه ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو

طرابلس (ويب ڊيسڪ) ليبيا جي فوج جو چوڻ آهي ته فوجي انٽيليجنس سربراهه ميجر جنرل فوزي المنصوري ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي.
ليبيا جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فوزي المنصوري سومر جي رات مسجد مان نڪرڻ دوران سندس گاڏي ۾ لڳايل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب مارجي ويو، اهو واقعو اوڀر ليبيا جي شهر بن غازي ۾ پيش آيو.
واضح رهي ته ليبيا ۾ 2011ع ۾ اڳوڻي حڪمران معمر قذافي جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ سياسي ورڇ، گهرو ويڙهه ۽ عدم استحڪام جو سلسلو جاري رهيو آهي.
ليبيا جي نيشنل آرمي منصوري جي قتل کي بزدلاڻي ۽ ڏوهاري ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته انتهاپسندي خلاف جنگ ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکيون وينديون.

 

You might also like