سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڀرتين ۽ امتحاني نظام بابت وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتي ۽ امتحاني نظام ۾ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) سهولت متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صوبائي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتي ۽ امتحاني نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ اي آءِ جو استعمال ڪيو ويندو.
چيف سيڪريٽري چيو ته اي آءِ ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ايس پي ايس سي جي امتحاني عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو، جڏهن ته سوالن وارن پرچن جي تياري، اسيسمينٽ ۽ امتحاني ڊيٽا جي انتظام ۾ به جديد ٽيڪنالاجي مان لاڀ ورتو ويندو.
هن چيو ته غير ضروري انساني مداخلت گهٽائڻ لاءِ اي آءِ استعمال ڪئي ويندي، جڏهن ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ ٽيڪنالاجي سان ليس ورڪ اسٽيشنز قائم ڪيون وينديون، جتان اميدوارن کي جديد امتحاني سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
آصف حيدر شاهه واضح ڪيو ته ايندڙ مرحلن ۾ تعليمي بورڊز، ٻين امتحانن ۽ سرڪاري ڀرتين جي عمل ۾ پڻ اي آءِ متعارف ڪرائي ويندي.

 

You might also like