راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) راولپنڊي ۾ پيش آيل فائرنگ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حقيقتون سامهون اچڻ کان اڳ ڪنهن سياسي جماعت يا ان جي ڪارڪنن کي ذميوار قرار نه ڏنو وڃي.
واضح رهي ته راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب، اڄ صبح 11 لڳي 15 منٽن تي مال روڊ تي هڪ همراهه پستول سان سيڪيورٽي فورسز جي گشت ڪندڙ ٽيم مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنهنجي وڊيو بيان ۾ الزام لڳايو هو ته سيڪيورٽي اهلڪار تي فائرنگ ڪندڙ شخص پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو ڪارڪن هو.
ان تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته واقعي کان ترت پوءِ سياسي الزام لڳائڻ ۽ رڳو ڪجهه منٽن اندر پريس ڪانفرنس ذريعي هڪ مخصوص بيانئي کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيترن ئي سنجيدا سوالن کي جنم ڏئي ٿي.
بيان ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف هڪ پرامن، آئيني ۽ جمهوري جدوجهد تي يقين رکندڙ سياسي جماعت آهي ۽ ڪنهن به واقعي کي سياسي مخالفن خلاف الزام بازي، ڪردارڪشي يا سياسي فائدي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جا مڪمل تفصيل، سي سي ٽي وي فوٽيج، موجود ثبوتن ۽ جاچ جا نتيجا عوام آڏو آندا وڃن.