اسلام آباد (زاهد گشڪوري) پاڪستان آرمڊ فورسز جا 257 ريٽائرڊ آفيسر سويلين کاتن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن. سويلين نوڪريون ڪندڙ ريٽائرڊ آرمڊ فورسز جي ماڻهن جو انگ 11 سئو کان وڌيڪ آهي جن ۾ 257 آفيسر آهن. 2003 ۾ سينيٽ ۾ تفصيل پيش ڪيا ويا هئا، 1033 سويلين پوسٽن تي آرمڊ فورسز جا ماڻهو موجود هئا. هن وقت اها شرح وڌيڪ آهي. نادرا چيئرمين حاضر سروس ليفٽيننٽ جنرل منير افسر آهي. ايندڙ مهيني ريٽائر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل محمد علي کي ريٽائرمينٽ کان حاضر سروس رهندي ڊفينس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي ڪور ڪمانڊر ملتان آهي جنهن کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين بڻايو ويو آهي، کيس ايندڙ مهيني ريٽائر ٿيڻو آهي. ٻين ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين، نيب چيئرمين به ٿري اسٽار جنرل آهي، واپڊا چيئرمين جنرل ريٽائرڊ سجاد غني به شامل آهي. قانون ۾ سول بيوروڪريسي ۾ به سندن ڪوٽا آهي، ان تحت هو مقرر ٿين ٿا.سويلين سرڪار کين آڻيندي رهي آهي ڇو ته قانون ۾ موجود آهي پر ڇا جيڪي ٿري اسٽار جنرل رهي چڪا آهن ڇا انهن کي وڌيڪ نوڪرين جي ضرورت هوندي آهي؟ سويلين پوسٽن تي هٿياربند فورسز جي انهن مقررين تي ماڻهو سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندا آهن ۽ بحث ڪندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس به آيو هو جنهن ۾ ريٽائرڊ آفيسر کي وڌيڪ واڌ نه ڏيڻ ۽ نئين نوڪري نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر ان جي باوجود اهو سلسلو جاري آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نفي ڪئي وئي آهي.