ايران-آمريڪا امن ٺاهه جي ويجهو پهچي ويا آهن: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران امن معاهدي يا ڪنهن ڊيل جي ويجهو پهچي ويا آهن.
بلومبرگ کي ڏنل انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معاهدي يا مفاهمت جا امڪان وڌي ويا آهن.
بچاءَ واري وزير موجب، گذريل ٻن کان ٽن ڏينهن دوران ملندڙ اشارا ٻڌائين ٿا ته ٻئي ملڪ ڪنهن امن معاهدي يا ڊيل جي ويجهو پهچي چڪا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر امن معاهدي جي حق ۾ سازگار ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

 

You might also like