ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۾ ڀائرن جي ڀرتي، جينسن جي جاڙي ڀاءُ کانپوءِ بوش ۽ هرمن برادرز به اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويا

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر مارڪو جينسن جي جاڙي ڀاءُ ڊوان جينسن کي پهريون ڀيرو قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هو نميبيا جي دوري لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي وائيٽ بال اسڪواڊ جو حصو هوندو.
ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ جي قيادت بيورن فورٽوئن ڪندو، جنهن کانپوءِ نميبيا خلاف 3 ون ڊي ميچون به کيڏيون وينديون.
هي هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ مختصر فارميٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي پهرين عالمي سيريز آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سينيئر ۽ مستقل رانديگرن کي آرام ڏنو ويو آهي.
ڊوان جينسن کانسواءِ ايٿن بوش به اهڙو رانديگر آهي، جنهن اڃا تائين ڏکڻ آفريڪا لاءِ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل نه کيڏي آهي، ايٿن، ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر ڪوربن بوش جو ڀاءُ آهي.
ڪونر ايسٽرهوئيزن، جورڊن هرمن ۽ نڪوباني موڪونا به پهريون ڀيرو ون ڊي اسڪواڊ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.
جورڊن هرمن مارچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڊيبيو ڪيو هو، پر پهرين ئي ميچ دوران زخمي ٿي پيو، جيڪا هن وقت تائين ڏکڻ آفريڪا لاءِ سندس واحد عالمي ميچ آهي.
سندس ڀاءُ ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر روبن هرمن به اسڪواڊ ۾ شامل آهي.
ٽيم جي چونڊ بابت ڳالهائيندي ڪوچ شڪري ڪونراڊ چيو ته هي رانديگرن لاءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي تجربي کي اڳتي وڌائڻ جو بهترين موقعو آهي.
هن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران ڪونر ۽ نڪوباني جي صلاحيتن جون ڪجهه جهلڪيون نظر آيون هيون، جڏهن ته جورڊن جي پهرين ميچ ۾ زخمي ٿيڻ افسوسناڪ هو، تنهنڪري کيس ٻيهر موقعو ڏيڻ لاءِ منتظر آهيون.
واضح رهي ته نميبيا، ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽي ملڪي سيريز 28 آگسٽ کان 6 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن کانپوءِ 9 کان 13 سيپٽمبر تائين ميزبان نميبيا خلاف 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.
ڏکڻ آفريڪا جو نميبيا دوري لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ بيورن فورٽوئن( ڪپتان)، ايٿن بوش، ڊيوالڊ بريوس، ٽوني ڊي زورزي، ڪونر ايسٽرهوئيزن، جورڊن هرمن، روبن هرمن، ڊوان جينسن، ڪوينا مافاڪا، موڪونا، نقابا پيٽر، لوهان ڊري پريٽوريس، لوٿو سپاملا، جيسن سمٿ ۽ پرينلان سبرائين شامل آهن.

You might also like