ٽائونٽن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي آل رائونڊر اينڊريو فلنٽوف جي پٽ راڪي فلنٽوف لنڪاشائر طرفان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪري ورتي.
18 ورهين جي راڪي فلنٽوف سمرسيٽ خلاف ون ڊي ميچ ۾ رڳو 65 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي ۽ مجموعي طور 76 بالن تي 123 رنسون ٺاهيون.
راڪي پنجين نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيو، ان وقت لنڪاشائر 22.3 اوورن ۾ 138 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائي چڪي هئي.
هن ڪيٽن جيننگز سان گڏ چوٿين وڪيٽ لاءِ 21.1 اوورن ۾ 214 رنسن جي شاندار ڀائيواري قائم ڪئي.
فلنٽوف پنهنجي پهرين ففٽي 37 بالن تي چئن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان مڪمل ڪئي، جڏهن ته ايندڙ 50 رنسون رڳو 28 بالن تي ٺاهي سينچري مڪمل ڪئي.
ان ميچ ۾ لنڪاشائر سمرسيٽ خلاف 443 رنسون 6 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاهيون، جيڪا لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ ٽيم جي سڀ کان وڏي اسڪور پڻ آهي.
راڪي فلنٽوف 76 بالن تي 123 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سمرسيٽ خلاف سندس ڪيچ پڪڙيندڙ آرچي وان به اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان جو پٽ آهي.
ياد رهي ته راڪي فلنٽوف 2024ع ۾ رڳو 16 ورهين جي عمر ۾ لنڪاشائر سان پنهنجو پهريون پروفيشنل معاهدو ڪيو هو. ساڳئي سال هو انگلينڊ انڊر-19 لاءِ سينچري اسڪور ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر پڻ بڻيو.
Next Post
You might also like