باب المندب ڀرسان سامونڊي جهاز تي حوثي باغين حملو، هڪ پاڪستاني سوڌو ٻه ڄڻا مارجي ويا

صنعا (ويب ڊيسڪ) برطانوي سامونڊي سلامتي بابت ڪم ڪندڙ ڪمپني وِنگارڊ چيو آهي ته باب المندب ڀرسان ۽ يمن جي ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ ويجهو هڪ سامونڊي جهاز تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن.
وِنگارڊ موجب، مارجي ويلن ۾ عملي جا 2 ميمبر، هڪ پاڪستاني ۽ هڪ انڊونيشين شهري شامل آهن.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جن ۾ 3 پاڪستاني ۽ هڪ انڊونيشين شهري شامل آهي.
ڪمپني وڌيڪ چيو ته حملي کانپوءِ جهاز جي مدد لاءِ يمني سامونڊي فوج پهتي، پر ان تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو شخص مارجي يا زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سامونڊي جهاز تي حملو حوثي باغين طرفان ڪيو ويو.
اي ايف پي يمن جي ڪوسٽ گارڊ جي هڪ ذريعي حوالي سان ٻڌايو ته ڳاڙهي سمنڊ جي انٽري وٽ ان جهاز کي ايراني حمايت يافته حوثي باغين نشانو بڻايو.
ذريعي موجب، عملي جي ٻين ميمبرن کي بچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي.

You might also like