هيلسنڪي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جو اڳوڻو آل رائونڊر موئيسس هينرڪس پرتگال جي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، هو 2028ع واري آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائنگ مهم جي اڳواڻي ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 39 ورهين جو هينرڪس پنهنجي جنم ڀومي پرتگال طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندو.
هو 14 کان 20 آگسٽ تائين فنلينڊ ۾ شيڊيول آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 يورپ سب ريجنل ڪواليفائر سي ۾ پرتگال جي اڳواڻي ڪندو.
پرتگال کي گروپ بي ۾ اسرائيل، جرمني، يونان ۽ چيڪ ريپبلڪ سان گڏ رکيو ويو آهي.
واضح رهي ته هينرڪس فنچل، ميڊيرا ۾ ڄائو هو، پر ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آسٽريليا منتقل ٿي ويو.
هن جي پرورش آسٽريليا ٿي ۽ 2009ع ۾ آسٽريليا طرفان عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيائين.
سندس مقرري آسٽريليا جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کان ڪجهه ئي عرصي پوءِ ٿي آهي.
هينرڪس پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو نيو سائوٿ ويلز ۽ سڊني سڪسرز سان واڳيل رهيو ۽ بگ بيش ليگ جي سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار رانديگرن مان هڪ هو.
پرتگال 2028ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڊگهو ڪواليفڪيشن مرحلو طئي ڪندي.
پرتگال کي پهريان پنهنجي گروپ ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪرڻي پوندي، جنهن کانپوءِ هو يورپي ريجنل فائنل ۾ پهچندو، جتي اسڪاٽلينڊ، جرسي ۽ ڊينمارڪ جون ٽيمون ان جي اوسيئڙي ۾ هونديون.
يورپي ريجنل فائنل جون ٽاپ 2 ٽيمون گلوبل ڪواليفائر ۾ پهچنديون، جتان 2028ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ٽيمون چونڊيون وينديون.
You might also like