13 ڏينهن کانپوءِ مير رضا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ڊي اين اي والدين سان ميچ ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، سندس ڊي اين اي والدين سان ميچ ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، جاچ ٽيم لاش ملڻ واري هنڌ ۽ گيسٽ هائوس پڻ پهچي ثبوت گڏ ڪيا آهن، جڏهن ته جاچ ٽيم ۾ وڌيڪ ٻن ميمبرن ڊي ايس پي سراج الدين ۽ انسپيڪٽر محمد علي کي شامل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مير رضا جي رت ۾ بيهوشيءَ جي دوا جا جزا موجود هئا، جڏهن ته سندس چيلهه ۾ گولي لڳل هئي.
مير رضا جي والد مير حسين چيو آهي ته 13 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪيس جي جاچ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.

You might also like