پنجگور (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ڳجهي اطلاع تي تيز رفتار ڪارروائي ۾ فتنه الهندوستان جي 5 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز 10 آگسٽ 2026ع تي بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگرد پراڪسيز جي خاتمي لاءِ جاري دهشتگردي خلاف مهم جو حصو هو.
ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ ديسي ساخت جا بم هٿ ڪيا، جن کي موقعي تي ئي تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن کانپوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن جي ڪارروائي به ڪئي وئي، ته جيئن باقي موجود خطرن جو خاتمو يقيني بڻائي سگهجي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي ايپڪس ڪميٽي فار نيشنل ايڪشن پلان جي منظور ڪيل ويزن ” عزمِ استحڪام“ تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان پرڏيهي سرپرستي ۽ سهڪار سان ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون پوري سگهه سان جاري رهنديون.