سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايس يو پي يوسي مجيد ڪيريو پاران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر برک سياستدان ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه جي 20 هين ورسي جي موقعي تي سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه ، سيد ضياءَ شاهه ۽ ايس يو پي اڳواڻن چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي ۽ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو ته بابا امداد محمد شاهه سچو ۽ کرو ماڻهو هو، هن هميشه سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. موجوده دور ۾ ملڪ جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي. ماڻهو سيڙپڪاري نه ڪري رهيا آهن. ملڪ کي غير ملڪين جي سهاري تي هلايو پيو وڃي. احتساب جو عمل بند ڪيو ويو آهي. ڪٺ پتلي حڪومت آڻي عوامي نمائندن جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي. حڪمران بدنام زمانه آهن. قومي ۽ صوبائي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. پ پ حڪومت سنڌو درياءَ سميت ٻيٽن جو سودو ڪيو آهي. ان موقعي تي امداد فائونڊيشن جي چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته امداد محمد شاهه پنهنجي پوري زندگي انسان ذات لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو هميشه ٻين لاءِ جيئندو هو. ايس يو پي جي ليڊيز اڳواڻ ياسمين ٿيٻو چيو ته امداد شاهه سنڌ سان پيار ڪندڙ هو. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ ڪيريو ،جونيئر جي ايم سيد ، امير ٿيٻو ، شوڪت حسين ميمڻ ، ايوب کوسو ، قاسم سومرو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو.