ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي گلستان جوهر ۾ گهر ٻاهران بيٺل ڪار ۾ 2 ننڍا ٻار جيڪي ڀائر هيا ڪار جو دروازو لاڪ ٿيڻ سبب ساھ ٻوساٽجڻ سبب هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي ٻارڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو گلستان جوهر بلاڪ ۾ واقع خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ فوت ٿيل ٻارڙي جي سڃاڻپ 4 ورهين جي رئوف ۽ ٻئي جي سڃاڻپ 3 ورهين جي حسن جي نالي سان ٿي آهي. شاھراھ فيصل پوليس موجب، ٻئي ٻارڙا ڀائر آهن، ٻارڙن جو پيءُ واقعي وقت گهر ۾ موجود نه هو، جڏهن ته ماءُ گهر اندر موجود هئي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل ٻارڙن جو تعلق گهر جي مالڪ سان آهي جڏهن ته ڪار ڪرائيدار جي آهي، جيڪا ڪيترن ئي مهينن کان خراب حالت ۾ گهرجي ٻاهر پارڪنگ م بيٺل هئي پوليس گاڏي جي مالڪ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.