ڪراچي (رپورٽر) سکر جي سنگرار شھر مان 3 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري، جيڪب آباد مان 2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻالڪ نويد لاشاري، ڪراچي مان 4 مھينا اڳ مبينا گم ٿي ويل معصوم ٻارڙي سويرا چانڊيو جي آزادي لاءِ پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن طرفان ھٿن ۾ معصوم ٻارڙن جون تصويرون کڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ لياقت جلباڻي، يونس مھر، سھڻي پارس، حمل بلوچ، رزاق بلوچ، خالدہ ارباب ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آئي ٽي ڪميٽي ھن مھل تائين پريا ڪماري ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آھي، 4 مھينا اڳ ڪراچي مان گم ٿي ويل سويرا چانڊيو ھن مھل تائين نه ملي سگھي آھي، جيڪب آباد مان 2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙو نويد لاشاري کي به پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، شھيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جا مک قاتل گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جلد پريا ڪماري جي وارثن سان ملي ڪري ھڪ وڏي تحريڪ جو اعلان ڪنداسين. مظاهرين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد پريا ڪماري، نويد لاشاري، سويرا چانڊيو کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ شھيد صحافين جي خون ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.