اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت 6 وزارتن کي ختم ڪرڻ ۽ 2 کي ضم ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا آڻڻ تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزارتن ۾ ڏيڍ لک جايون ختم ڪيون پيون وڃن. ان کان علاوه فائلرز جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿي 32 لک ٿي ويو آهي ۽ نان فائلرز هاڻي گاڏيون ۽ ملڪيت خريد نه ڪري سگهندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي پاليسين سبب مهانگائي ايڪي (سنگل ڊيجٽ) تي اچي وئي آهي. هن چيو ته برآمدات ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا بلند ترين سطح تي آهن.ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي قيادت نجي شعبي کي ڪرڻي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي سبب پاليسي ريٽ ۾ 4.5 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ملڪ جي اقتصادي ايجنڊا لاءِ بهترين ذهنن جي ضرورت آهي، ان لاءِ پرڏيهه مان ماهر گهرايا ويا آهن. ملڪ جي بهتري ٿيندي. هن چيو ته حڪومتي ادارن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ٽيڪس روينيو وڌائڻ اڻ ٽر آهي، اسان رائٽ سيزنگ تي عمل ڪري رهيا آهيون، 6 وزارتن کي ختم ڪرڻ جي فيصلي تي هاڻي عمل ڪيو ويندو. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس وصول ڪندڙن لاءِ سخت احتساب جو نظام هوندو، عوام جي ٻڌڻ کانسواءِ ٽيڪس ادا ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي، ڪيس جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ان پروگرام کي آءِ ايم ايف جو آخري قرض پروگرام بڻائڻو آهي ته هن ملڪ ۾ نوان طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، اسان کي ملڪ ۾ معيشت جي ڍانچي کي بنيادي طور تبديل ڪرڻو پوندو.