ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل خلاف احتجاج،نامزد پوليس آفيسرن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ ۾ وڌنڌڙ  مذھبي انتهاپسندي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سورهيه سنڌي، انوربڙدي، پنهل ساريو، سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ واقعو سنڌ ۾ مذھبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي خلاف آھي. سنڌ صدين کان مذھبي رواداري ۽ قومي ڀائيچاري جي امين رهي آھي، سنڌ جا ماڻھو ڀلي ڪنهن به مذھب سان تعلق رکن، پر هر هڪ ماڻھو جي مذھب ۽ انفرادي شخصيت جو احترام ڪيو آھي. هنن چيو ته پڙھيل لکيل ۽ انسان دوست ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو بنا جاچ ۽ عدالت کان مٿانهون قتل افسوس ناڪ آھي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌنڌڙ مذھبي انتهاپسندي معاشري لاءِ اتهائي خطرناڪ آھي. هنن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي مک جوابدار ڊي آئي جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او، فتوا ڏيندڙ عمر جان سرهندي سوڌو سمورا جوابدار آزاد آھن، جن کي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتار ناهي ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سلطان نندواڻي، علي مردان سنڌي، شاھنواز سنڌي، جسقم آريسر ضلعي اڳواڻ صادق باجڪاڻي، وسيم کوسو، جسم تعلقه صدر ظفر سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور بڙدي،فيصل وڳڻ بشير بروهي ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته شھيد شاھنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي قاتل ڪوڙو پير عمر جان سرهندي کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي هوڏانهن ٺٽي ۾  ضلعي صدر راول ڪرناڻي، فرھاد ميمڻ، ڪامريڊ دلاور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ شامل قومي ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جيڪي زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. احتجاجي مظاھري ۾ شيعا اڳواڻ ڊاڪٽر شبير شاھ پڻ شرڪت ڪري احتجاج جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھڪ سازش تحت سيڪيولر سنڌ ۾ مذھبي انتھاپسندي پکيڙي پئي وڃي، جنھن کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪوبه ڪردار ادا نه پئي ڪري.

حيدرآباد/دولتپورصفن(رپورٽر+ن ع آ) سنڌ ۾ جاگيردار، اشرافيا، سنڌ پوليس، داعش نما فسطائي ذهنيت رکندڙ  انتهاپسند ملن جي ٽِڪنڊي، عمرڪوٽ واقعو پڌرو ڪري سنڌ ۾ خوف جي فضا قائم ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي سنڌ جي باشعور، مذهبي رواداري جي علمبردار عوام پنهنجي تاريخي امن، ڀائيچاري واري عمل ۽ اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، هن اسڪرپٽ جي پويان سنڌ ۾ سيٽلر ڪالونائزيشن، 54 هزار زرعي زمين هڙپ ڪرڻ، دريائن بابت عالمي اصولن جي خلاف سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي قيمتي معدني وسيلن تي هٿ صاف ڪري پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ وارو معاملو آهي. هي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ضلع حيدرآباد پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪامريڊ اقبال، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو، پنهل ساريو، پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ ڪامريڊ مسرور شاھ، انجمن جمهوريت پسند خواتين جي اڳواڻ ڪامريڊ انيلا قادري، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليه بخشل ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرومل مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ياد رهي ته احتجاج ۾ فادر شمون، پروٽسٽنٽ ڊاڪٽر ڊينيل، پنڊت بابو لال ۽ ٻيون علمي، فڪري شخصيتون شامل هيون. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي عوام جي جينز ۾ نه مذهبي توهين آهي، نه گستاخي ڪرڻ، بلڪه سڀني مذهبن، عقيدن، مسلڪ جو احترام ۽ انهن جي مذهبي عبادت گاھن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي انسانيت تي آڌاريل ذهنيت رکندڙ آهن. ڊاڪٽر شاھنواز جي فيس بڪ آءِ ڊي جي حوالي سان توهين مذهب جو الزام لڳائڻ، کيس صفائي جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ پوليس پنهنجي گرفتاري دوران ڌاڙيل جيان موت حوالي ڪري ڇڏيو ۽ لاش کي فسطائي ملن جي دٻاءَ ۾ اچي، جنوني ميڙ هٿان باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو، اهو وهشت وارو عمل آهي  اڳواڻن حڪومتي رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪندي، ايف آءِ آر ۾ داخل سڀني ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ، ايم اين اي کان سيٽ کسڻ ۽ هن واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، هوڏانهن عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي، شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ ۽ سنڌو مٿان ڇهه ڪئنال ٺاهڻ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضيا ڀٽي،ڪامريڊ يونس راهو،صبا سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي مڙهي سڄاڻ ماڻهن جا قتل ڪرائي، سنڌ اندر مذهبي ٻج ڇٽي وڳوڙ ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ پنجاب ۾ سنڌو مٿان غير فطري ڪئنال کوٽڻ واري مسئلي تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ سچل، ڀٽائي، سنڌ ڌرتي صوفين جي آهي، سنڌ خلاف هر سازش کي سمجهون ٿا، هوڏانهن سنڌ جي گهرو کاتي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي خط لکي شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي،ايس ايس پي ميرپورخاص سميت ٻين19 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي

 

  1. جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پٽيشن تي اڄ ٻڌڻي

حيدرآباد(رپورٽر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾  ملوث جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ، واقعي جي عدالتي جاچ ۽ وارثن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سميت جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ نامياري وڪيل علي پلهه جي داخل ڪرايل پٽيشن تي اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ۾ ٻڌڻي ٿيندي. ان سلسلي ۾ نامياري وڪيل علي پلهه جو چوڻ آهي ته منهنجي داخل ڪيل پٽيشن ۾ عدالت کان اها ئي استدعا ڪئي وئي آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي، ان ڪري قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ان کانسواءِ سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن ڇو ته اهو خدشو آهي ته جوابدار ٻاهرين ملڪن ڏانهن فرار به ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. وارثن کي ڌمڪيون مليون به آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ وارثن کي ڌمڪائڻ جو خدشو به آهي. وارثن کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته سڀاڻي(اڄ) صبح جو ساڍي 8 وڳي پٽيشن تي ٻڌڻي جو وقت مقرر آهي.

  1. ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن:رياض چانڊيو

پيرولاشاري(رپورٽ: محمد ميراڻي) جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض علي چانڊيو وائس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي پنھل جمالي ۽ ٻيا سنڌو درياھ تي پنجاب طرفان 6 ڪئنال ٺاھڻ خلاف عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ تلھار پھتا جتي  مين حيدرآباد بدين بس اسٽاپ تي ڪارڪنن پاران سندن   استقبال ڪيو ويو ، انھي موقعي تي شھرين ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته 10 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ذريعي سمنڊ کي ڏيڻو آھي پر 34 سالن کان نه سمنڊ کي ٿو پاڻي ملي نه گڊو بئراج وٽ پاڻي آھي نـه سکر بئراج وٽ پاڻي آھي ان جو نتيجو ھي نڪتو آھي تـه بدين ۽ ٺٽي جي 30 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي معاشي تباھي ٿي آھي ماحوليات برباد ٿي آھي ،  زراعت مڪمل  ختم ٿيڻ جي ويجھو آھي هن چيو ته ڪراچي ٺٽي حيدرآباد سميت ڪٿي ڪٿي ته پيئڻ جو پاڻي بـه موجود ناھي ، اسان پنجاب جي ھن ظلم خلاف پنھنجي ماڻھن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ نڪتا آھيون ،جڏھن ته عمرڪوٽ واقعي جي حوالي سان ھن چيو ته جيڪڏھن شاھنواز ڪنڀر ڏوھ ڪيو ھو ته ان ڏوھ جي سزا ان کي عدالت ڏي ھا ، ڊي آئي جي ميرپورخاص ڪير ٿو ٿئي ماڻھن کي گوليون ھڻڻ وارو ھن چيو ايف آئي آر ۾ نامزد پوليس آفيسرن ۽ ٻين کي فورن گرفتار ڪري انھي معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

  1. مذهبي انتهاپسندي خلاف جسقپ جي لاڙڪاڻي ۾ ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر)  سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ مذهبي انتهاپسندي خلاف پوري سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به احتجاجي مظاهرن جو سلسلو هلندڙ آهي. ان تسلسل کي برقرار رکندي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ جناح هال کان رائل چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاهري ۾ صابر جروار، مير مرتضيٰ گوپانگ، اصغر نوناري، منور نوناري، صفر مغيري، زيب علي ساريو،هيمون ڀٽي سميت ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري ۾  قومپرست اڳواڻ  ڪامريڊ دودو ديشي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌوءُ تي ڊيم  ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا.

  1. هٿ وٺي انتهاپسندي جي باهه ڀڙڪائي وئي آهي:عوامي تحريڪ

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)عومي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر پاران ”وسيلا بچايو سنڌ بچايو“ ڪانفرنس ۽ ضلعي ڪنوينشن حسن پسايو حال مٺي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شاگردن ۽ مختلف مڪتبه  فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ جي زمينن، معدنيات، پاڻي ۽ ٻين وسيلن تي قبضي، سنڌ جي پاڻي تي ارسا اڪٽ ۾ ترميم جي صورت ۾ ڌاڙي ۽ وڌندڙِ مذهبي انتها پسندي خلاف قراردادون ۽ مطالبا پيش ڪيا ويا. عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي نئين باڊِي چونڊي وئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌو  تي ڪنهن به قسم جي ڪئنال کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا ۽ گهُر ڪيون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم يا ڪينال نه کپي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ دشمن سازش آهي، انهيءَ کي رد ڪيون ٿا. عوامي تحريڪ سنڌ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو آهي ته سڄي قوم کي جاڳائي، اڳواڻي ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. پروگرام جي صدارت ڪندڙ عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي نئين چونڊيل صدر ايڊووڪيٽ ديال صحرائي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ قديمي ماڳ ڳڙڪايا پيا وڃن. ڪارونجهر جبل سنڌ جو سياحتي، ثقافتي، تهذيبي، تاريخي ۽ تمدني ماڳ آهي، انهي جي ڪٽائي بند ڪري انهي کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪري وري ٻئي پاسي بچائڻ واري مڪاري ۽ منافقي بند ڪري، سڄي سنڌ جو هڪ ئي موقف آهي ته ڪارونجهر کي بچايو وڃي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي انتهاپسندي جي باهه ڀڙڪائي وئي آهي، جنهن ۾ پ پ سرڪار جي جي پاليسي انتهائي امن دشمن آهي. سنڌ سرڪار ۽ انهي جي پاليسين تي هلندڙ سنڌ پوليس ايڪسٽرا جوڊيشل قتل ڪري ماڻهن ۾ تمام گهڻو حراس پکيڙيو آهي. اسين گهُر ڪيون ٿا ته پاڪستان جي آئين مطابق هر ملزم کي ٽرائيل جو حق ڏنو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي صحيح جاچ ڪري ملوث ماڻهن  کي سخت سزا ڏني وڃي. انهيٰ کان سواءِ  عمر بجير، موهن ميگهواڙ، نارائڻ سنڌي،دليپ ڀيل، ڪرشن ميگهواڙ، ڏامرو ڪولهي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪانفرنس ۾، اعظم مريداڻي، ديپ دوشي ۽ سنديپ ڪمار  قومي گيت پيش ڪيا.

  1. ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميرپورخاص ۾ احتجاج

ميرپوخاص(بيورورپورٽ) ڊاڪٽر  شاھنواز جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪنڀار برادري ۽ سماجي تنظيمن پاران ميرپورخاص  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن محمد حسين آريسر، سرمد لغاري، حسن لغاري، ممتاز آريسر، واجد لغاري ۽ ٻين چيو ته حڪومتي جاچ ۾ جڙتو مقابلو ثابت ٿيڻ تي ملوث ڊي آءِ جي ايس ايس پيز سميت ٻين اڳواڻن خلاف ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود پوليس ڪنھن به کي گرفتار نه ڪيو آهي جيڪو پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي ھنن مطالبو ڪيو ته انتھا پسندي کي روڪي عدالت کان مٿاھون قتل ڪيل ڊاڪٽر  شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ نامزد پوليس عملدارن ۽ اھلڪارن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف تعفظ فراھم  ڪيو وڃي.

  1. سنڌ ۾ مذهبي جنونيت جي گنجائش ناهي: پ پ اڳواڻ

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ضلعي دادو جي انفارميشن سيڪريٽري  مير صدام ٻلھڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر مذهبي جنونيت جي گنجائش ناهي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سنڌ اندر تاريخ ۾ ڪڏهن به مذهبي ۽ فرقي واريت ناهي رهي سنڌ ۾ سدائين امن ڀائيچارو ۽ هم آهنگي رهي آهي سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر رنگ نسل کي پنهنجي پنهنجي مذهب، ريتن، رسمن، رواجن مطابق رهڻ جي مڪمل اجازت آهي، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿاهين قتل تي سنڌ حڪومت جي وقتائتي فيصلي تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر گستاخي ڪئي هئي ته ان جي جاچ ادارا ڪري ان کي سزا ڏين ها ڪنهن به فرد کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي،

  1. عمرڪوٽ واقعي جي جاچ شروع،في الحال ڪا گرفتاري ناهي ٿي: جاچ آفيسر

عمرڪوٽ(ڊ ر ) عمرڪوٽ جي تعلقا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجڻ جي جاچ رپورٽ ۾ تصديق ٿيڻ بعد سنڌڙي ٿاڻي تي مارجي ويل ڊاڪٽرشاهنواز جي سالي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ذريعن موجب آءِ جي سنڌ پاران داخل ٿيل ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص زبير دريشڪ جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي پوليس ذريعن موجب آءِ جي سنڌ پاران ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي پاران ڪيس جي وڌيڪ جاچ جي حوالي سان وڌيڪ ڪاميٽيون جوڙڻ لاءِ مشوره ڪيا پيا وڃن جڏهن ته  ڪيس جي موجوده جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پاران پڻ گذريل ڏينهن ڪيس جي جاچ شروع ڪندي سرزمين جو دورو ڪري مشيرنامون جوڙيو ويو ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس جو آءِ او مقرر ٿيڻ بعد مون فريادي سان رابطو ڪيو آهي جڏهن ته سرزمين تي پهچي مشيرنامون ٺاهڻ سان گڏ ڪيس جي مختلف رخن تي جاچ شروع ڪئي آهي  في الحال ڪا گرفتاري ناهي ٿي سگھي جڏهن ته اطلاع مليا آهن ته آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ شامل آهن آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي کان وڌيڪ هدايتون ملڻ بعد جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو. .ٻئي طرف ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي مختلف رخن کان جانچ ڪري رھيا آھيون متاثرن کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.