ڪراچي(رپورٽر)ڊائو يونيورسٽي ايم ڊي ڪيٽ نتيجن جا سرڪاري طور تي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ٽيسٽ ۾ سڄي سنڌ مان 22 هزار 3 سئو 66 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، ٽيسٽ ۾ ڪاميابي جي شرح 58.79 سيڪڙو رهي،سڄي سنڌ مان 38 هزار 41 اميدوار شريڪ ٿيا، اوجها ۽ اين اي ڊي جي ٻنهي ٽيسٽ سينٽرن ۾ ڪل 12 هزار 5سئو 72 اميدوارن حصو ورتو، ٻنهي مرڪزن مان ايم بي بي ايس لاءِ اهل اميدوارن جو انگ 6هزار 9سئو 47 آهي،ٻنهي مرڪزن مان بي ڊي ايس لاءِ اهم اميدوارن جو انگ 7 هزار 9 سئو 41 آهي،ڄامشوري ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز،شهيد بينظير آباد(نوابشاهه) ۾ بلاول اسپورٽس ڪمپليڪس،لاڙڪاني م پوليس ٽريننگ اسڪول ۽ سکر ۾ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ ٽيسٽ منعقد ٿي،15675 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا، ڪراچي ۾ ايم بي بي ايس لاءِ 6947،ڄامشوري ۾ 6350،نوابشاهه ۾ 1347،لاڙڪاڻي ۾ 2587،سکر ۾ 2872 ڪامياب،بي ڊي ايس لاءِ ڪراچي ۾ 7941،ڄامشوري ۾ 6973،نوابشاهه ۾ 1492،لاڙڪاڻي ۾ 2818 ۽ سکر ۾ 3142 ڪامياب ٿيا