ملير ايڪسپريس وي اشرافيا جي سهولت قرار، غريبن جا گهر ڊاهڻ نه ڏينداسين: ذوالفقار جونيئر

کوکراپار (رپورٽ:  عنايت قمبراڻي) انڊيجينس رائيٽ الائنس ملير پاران ملير ايڪسپريس وي جي تعمير ۽ گهر ڳوٺ ڪتب خانه ڊاهڻ واري انتظامي عمل خلاف ظهور هاشمي ريفرنس لائبرري سمون ڳوٺ ۾  ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سميت انڊيجينس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ، عثمان بلوچ، حفيظ بلوچ، عظيم دهقان، عاصمه بلوچ، جمال ناصر ۽ ٻين چيو ترقي جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان پنهنجي گهرن اجهن زمينن کي ڪنهن به صورت ۾ ڊاهي تباھ ٿيڻ  نه ڏينداسين ھنن چيو ته ملير ايڪسپريس وي اشرافيه کي فائدو رسائڻ لاءِ  ٺاهيو پيو وڃي ملير ايڪسپريس وي جي تعمير سان ملير جي زراعت تباھ ٿي ويندي جڏهن ته زمينون غير آباد ٿيڻ سبب هتي سوسائٽيون ٺاهيندڙن کي وڌيڪ موقعا ملي سگهندا جنهن کي روڪڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون ،  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملير ايڪسپريس وي منصوبي تحت مقامي برادرين جي گھرن ۽ ظهور هاشمي ريفرنس لائبريري کي مسمار ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي.هنن چيو ته سنڌ حڪومت مقامي آبادگارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ بجاءِ پنهنجا غير ضروري منصوبا جوڙڻ شروع ڪيا آهن ملير ايڪسپريس وي کي ندي مٿان ٺاهڻ بدران آبادين ۾ ٺاهڻ ڪٿان جو انصاف آهي ملير ايڪسپريس وي جي تعمير لاءِ مقامي ڳوٺن کي نقصان رسايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ جيستائين اسان کي پنهنجا حق نه ملندا تيستائين خاموش نه ويهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.