بيروت ( م ڊ ) لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ لبناني فوج جو بيان سامهون اچي ويو آهي. لبناني فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جي مجرمانه حملن جي نتيجي ۾ حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله سميت 1000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ خطرناڪ ۽ نازڪ دور آهي، اسرائيل پنهنجي تباهيءَ وارن منصوبن تي عمل ڪري لبنان کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. لبناني فوج عوام تي زور ڏنو آهي ته هو موجوده صورتحال ۾ قومي اتحاد برقرار رکن ۽ اهڙن ڪمن کان پاسو ڪن جن سان قومي اتحاد کي نقصان پهچي سگهي ٿو.