پشاور (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ پارليامينٽ ته آئيني ترميم ڪرڻ جو مينڊيٽ نٿي رکي، ان جعلي قسم جي پارليامينٽ مان ايڏي وڏي آئيني ترميم ڪرائڻ ناانصافي آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ جو مينڊيٽ ناهي ته اها ترميم ڪري، اسان چاهيون ٿا ته نيون چونڊون ٿين، هيءَ پارليامينٽ ايڏي وڏي آئيني ترميم جي حقدار ناهي، جعلي قسم جي پارليامينٽ مان قانون سازي ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته پ پ، پي ٽي آءِ ۽ اسان مسودو شيئر ڪنداسين، اهڙي ترميم آڻيو، جنهن سان عوام کي رليف ملي، جمهوريت مضبوط ٿئي، پارليامينٽ جي خود مختياري تي ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نه مرڪز ۾ نه خيبر پختونخواهه ۾ عوام جي حڪومت آهي، ڪي پي ۾ اسان جو مينڊيٽ چورائي انهن کي ڏنو ويو، صوبي ۾ باهه ٻري رهي آهي، اها ئي صورتحال بلوچستان جي آهي، هتي به ماڻهو گم آهن ۽ بلوچستان ۾ به. فضل الرحمان چيو ته جلسا روڪڻ غير جمهوري آهي، پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ زيادتي سمجهان ٿو.هن چيو ته فاٽا جو انضمام آمريڪا جي دٻاءَ ۾ ڪيو ويو، باجوا چيو هو ته آمريڪا جو دٻاءُ آهي. جيتري به ڌانڌلي ڪيو اسان ميدان ۾ آهيون. هن چيو ته اهڙي ترميم آندو وڃي جنهن سان جمهوريت مضبوط ٿئي.هن پارليامينٽ وٽ عوام جو مينڊيٽ ناهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو صوبو سڙي رهيو آهي، فاٽا جا ماڻهو هن وقت مظلوم آهن، اسان وٽ به ڪيترائي گم ٿيل آهن، هتي رياست جي رٽ ختم ٿي وئي آهي.مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته منهنجي سامهون آمريڪي آفيسر چيو ته فاٽا انضمام غلطي آهي، باجوه چيو ته آمريڪا جو دٻاءُ آهي.مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته منهنجي سامهون آمريڪي آفيسر چيو ” فاٽا مرجر از مسٽ“ ، باجوا چيو ته آمريڪا جو دٻاءُ آهي.هن چيو ته فاٽا جي عوام کي هن وقت تائين 800 ارب رپيا ملڻ گهرجن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت هئڻ گهرجي ، جلسي کان روڪڻ غير جمهوري عمل آهي.هوڏانهن مولانا فضل الرحمان 5 سالن جي لاءِ بنا مقابلي هڪ دفعو ٻيهر جمعيت علماءِ اسلام جي يو آءِ (ف) جو امير چونڊجي ويو. جي يو آءِ(ف) جون انٽرا پارٽي چونڊون پشاور ۾ ٿيون.