ڪراچي+لاهور+اسلام آباد (نجم سيٺي) آرمي چيف جي واپارين سان ملاقات ۾ ملڪ جا انتظامي يونٽ وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي،اتي چيو ويو ته هي ملڪ انتظامي طور هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي،ڀارت ۾ به وهنوار هلائڻ لاءِ نوان صوبا ٺاهيا ويا، اتي 29 رياستون آهن، ڪاروباري شخصيت عقيل ڪريم ڊيڊي سما ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته صوبن جي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندي نوان حصا بڻائي سگهجن ٿا، سنڌ پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندي پر ان سان گڏ اتر،ڏکڻ،اولهه اٽيچ ٿي ويندا، پنجاب جا به 6 حصا بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، آرمي چيف اهو چيو ته صوبا ان طرح نه بڻيا ته مسئلا ايندا رهندا، واپارين آرمي چيف جي ان تجويز سان اتفاق ڪيو،جڏهن ته ذريعن موجب واپاري ته اهڙين ملاقاتن ۾ هر ڳالهه مڃي ڇڏيندا آهن، انهن کي ٽيڪس بچائڻو هوندو آهي، صوبن جا حصا ڪرڻ جي حوالي سان رڳو شوشو ڇڏيو ويو ته جيئن ان تي رد عمل ڏسي سگهجي. سڀ کان وڌيڪ رد عمل سنڌ مان ايندو ڇو ته پيپلزپارٽي اهڙي ڳالهه ڪڏهن نه مڃيندي،پ پ ته ڪراچي کي ئي انتظامي يونٽ بڻائڻ جي مخالف آهي ته ٻين حصن کي ڪيئن ٽوڙڻ ڏيندي؟ سنڌ ۾ اڳواٽ ڊويزن آهن ته اتي ايڊمنسٽريٽو حصن جي ڪا ضرورت ناهي. اهڙن مسئلن جو حل مڪاني کاتن وٽ آهي. رياستون وڌنديون ته نوان سياستدان ايندا ۽ نوان سياستدان ملٽري اسٽيبلشمينٽ جا نوان پراجيڪٽ هوندا آهن. هنن طرفان اهڙو اشارو اچي ٿو ته ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجن ٿا،ان قسم جي تجويز سان قوم پرستي جي جيڪا لهر اڀرندي اها رياستي ڍانچي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي، سياستدان پاڻ ويهي ان تي ڳالهائي سگهن ٿا ۽ ان تي ڪو ايشو نه ٿيڻ گهرجي، 12 صوبا هجڻ گهرجن. جيڪڏهن پ پ اهڙو خيال آندو ته ان کي رد نه ڪري سگهبو. پ پ طرفان اها تجويز اچي ها ته ان ۾ وزن هجي ها پر مسئلو اهو آهي ته مڪاني کاتي کي بااختيار نٿو بڻايو وڃي.