تنگواڻي (ن ع آ)تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد پير جان اسٽاپ ڀرسان 3 ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل سئي بلوچستان واسي مغوين اسدالله بگٽي ۽ منظور بگٽي جو زنجيرن سان جڪڙيل وڊيو وائرل ٿي ويو، مغوي سڀني بگٽي برادري جي چڱن مڙسن ۽ وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي، وڏيرو جلال خان ڪلپر، وڏيرو محمد بخش ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڌاڙيلن جو مطالبو مڃيندي 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ ادا ڪري آزاد ڪرائين، ويڊيو ۾ ھنن چيو ته ڌاڙيل کي پيئسا ادا نه ڪيا ويا ته کين ماريندا ۽ ھنن جي مارجڻ جو ذميوار ايس ايس پي ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروھي ۽ ايس ايڇ او تنگواڻي آھي.