سکر(رپورٽ:آزاد مهر)سنگرار روڊ جانب واهھ وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 60 سالا علي شير هاليپوٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع ملڻ بعد سنگرار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي بيدرديءَ سان گوليون هڻي قتل ٿي ويل علي شير هاليپوٽو جو لاش کڻائي روھڙي تعلقا اسپتال پهچايو جتي قتل ٿي ويل علي شير هاليپوٽو جي پٽ عاصم هاليپوٽو ٻڌايو ته هاليپوٽا ۽ ڪلهوڙا برادري جو پاڻ ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي ويھ سال اڳ ڪلهوڙن سندس چاچي کي قتل ڪيو هو ۽ اڄ پنج هٿياربندن سندس پيءُ جو پيشو ڪري ڳوٺ ڀرسان جانب واھه وٽ گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي.