تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ)تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد غوثپور_تنگواڻي لنڪ روڊ پيرجان اسٽاپ ڀرسان سکر کان سوئي ويندڙ مسافر ڪار کي ھٿياربندن روڪي فائرنگ ڪئي، بگٽي برادري جي سوئي بلوچستان واسين اسدالله بگٽي ۽ هڪ مسافر کي ھٿياربندن اغوا ڪري ورتو، ڊرائيور رحم علي بگٽي ۽ مھرالله بگٽي ٻڌايو ته 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن جي ٽولي گاڏي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي،گاڏي روڪڻ بعد 2 ڄڻن اسدالله بگٽي ۽ ساٿي پسينجر کي اغوا ڪري ويا، ٽوٽل 5 پسينجر سوار ھئاسين مغوي ساٿين مان ھڪ جو نالو اچي پيو، ٻيو نالو وارثن کان پڇي ٻڌائينداسين، پوليس روڊ تان غائب ھئي جنھن سبب واقعو پيش آيو.