پنوعاقل (رپورٽ رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي ۾ ايس ايس پي سکر امجد شيخ جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ڌاڙيلن پوليس جو ڊرون ڪيرائي ڇڏيو، گذريل ڏينھن ڌاڙيل طرفان شھري کان اوڳاڙيل ڀتي جي پئسن جي نمائش واري وڊيو جاري ڪرڻ بعد پوليس گدپور جي ڪچي ۾ تيغاڻي ٽولي خلاف آپريشن شروع ڪيو، آپريشن دوران ڌاڙيل ياسين تيغاڻي پوليس جي ڊرون ڪيرائي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، وڊيو ۾ ڌاڙيل ياسين تيغاڻي ڊرون کڻي ايس ايس پي سکر امجد شيخ ۽ سکر پوليس کي للڪاري رهيو آهي، ٻئي پاسي سکر پوليس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ دعوي ڪئي وئي ته آپريشن دوران ڌاڙيل ياسين تيغاڻي ۽ سندس ساٿين جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن، ايس ايس پي سکر امجد شيخ چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو دائرو جلد وڌائي علائقي ۾ امن امان کي يقيني بڻايو ويندو.