ميڊيڪل ٽيسٽ پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف شاگردن جا احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) ڄامشوري ۾ لمس يونيورسٽي کان ڄامشوري ڦاٽڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر روشن چانڊيو، ڊاڪٽر  علم الدين، ڊاڪٽر پرڪاش، ڊاڪٽر لال چند، ڊاڪٽر فهد جوڻيجو ۽ ٻين اميدوارن ڪئي.هوڏانهن سڪرنڊ ۾ سنيما چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي ڪامريڊ بلال سولنگي، امان خاصخيلي ۽ ٻين شاگردن خطاب ڪيو. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائيبريري کان ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي آزاد سيال، عامر چانڊيو، نصيب الله بجاراڻي، سعيد احمد لنجواڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي طرف پنوعاقل ۾ اقرار نواز پنھيار، سميع الله مزاري، سرتاج عزيز، مدثر ڪلھوڙو، طحي جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شھيد عبدالعزيز بلو لائبريري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. شاگردن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ 2024 جا ڪوڙا نتيجا سنڌ جي ڪنهن به باشعور ماڻهو کي منظور ناهن، اسان انهن کي رد ڪريون ٿا ۽ هڪ دفعو ٻيهر شفاف طريقي سان ميڊيڪل جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ۽ ٽيسٽ پيپر ليڪ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.