راولپنڊي/پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف راولپنڊي ۾ رٿيل جلسي کي احتجاج ۾ تبديل ڪندي هنگامي بنيادن تي تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پاران 28 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ زبردست احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ پارٽي اڳواڻن سندرا ٻڌي ورتا آهن. پشاور ۾ احتجاج کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته اتر پنجاب جي سمورن عهديدارن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ عمر ايوب اڄ سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات کان روڪڻ درست ناهي، سموري مشينري رياست جا اوزار بڻجي رهي آهي.ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي انصاف لائرز فورم جي سربراهه شاداب جعفري چيو ته وڪيل اڄ تحريڪ شروع ڪرڻ وارا آهن، وڪيلن جي تحريڪ جو مقصد غير آئيني قدمن کي روڪڻ آهي. شاداب جعفري چيو ته وڪيلن جي تحريڪ جو دائرو سپريم ڪورٽ کان سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور صوابي کان قافلي جي صورت ۾ پنڊي روانو ٿيندو، ڪارڪنن کي مڪمل تياري سان وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته جلسو نه پر احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن حڪومت ٻن ڏينهن لاءِ راولپنڊي ۾ جلسن وغيره تي بندش لڳائي ڇڏي آهي ۽ شهر ۾ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي.