حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ميڊيڪل ۾ داخلائن جي ٽيسٽ جو پيپر ڪروڙين روپيا وٺي ايجنٽ مافيا کي وڪرو ڪيو ويو آهي، نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آهي، سنڌ حڪومت ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي، ڪرپٽ حڪمران ٽولي کي صرف پئسا گھرجن. حڪمران طبقي جا ٻار ٻاھرين ملڪن ۾ يا ملڪ جي مھانگن ادارن ۾ پڙھن ٿا. طبقاتي تعليمي نظام جي ڪري پورھيتن جي ٻارن جي حقن تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي داخلائن دوران پيپر آئوٽ ٿي وڃن ٿا. غريبن جي محنتي ٻارن لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا آھن.