ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي + عرفان) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ ڀتاخوري خلاف ٽئين ڏينهن به ريلي ڪڍي وئي، آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو. انھيءَ موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، صرافا يونين جي صدر حاجي حضور بخش مغل، جماعت اسلامي جي ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالعزيز سومرو، شعبان جکراڻي، ھندو پنجائت جي ھريش ڪمار، ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروھي، مزدور يونين جي مير طارق باجڪاڻي، شمن علي باجڪاڻي، جسم جي ڪامريڊ عباس، ايس يو پي جي ظريت ساگر بجاراڻي، شاھنواز مرھيٽو، شھري اتحاد جي اشوڪ ڪمار سونارو، عبدالفتاح مغل، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، مولوي فرحان مغل، قمرالدين سھرياڻي، سنتوش اگروال، نظير سومرو ۽ ٻين چيو ته ڏوھارين جي عذاب سبب ضلعي جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آھي، ڀتاخوري، بدمعاشي، غنڊا راڄ سبب ڪجھ عرصي اندر وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي جيڪڏهن اھو سلسلو ھلندو رھيو ته پوءِ ڪنڌڪوٽ تباهھ ٿي ويندو.