اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته قاضي فائز عيسيٰ مبارڪ ثاني ڪيس ۾ فيصلو ڄاڻي واڻي ڏنو، جيڪو قوم جي دٻاءُ ۾ واپس ورتو ويو، آئيني ترميم ۾ اسين اهڙي ماڻهو کي ڪيئن سپورٽ ڪنداسين؟، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته آئيني ترميمن بابت حڪومت کي ايتري تڪڙ هئي جو حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پاڻ سنجيده ناهي ته معاملا ڪيئن اڳتي هلندا؟.