اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)ڪراچي واسي پورهيت علم دين مغل کي ڌاڙيلن فرنيچر ٺھرائڻ بھاني گهرائي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا، ڏوھارين مغوي کي زنجيرن سان جڪڙي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي ۽ وارثن کان 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي آھي. ٻئي طرف مغل برادري عبدالستار مغل، غلام حسين مغل ۽ سرفراز احمد مغل جي اڳواڻي ۾ اوٻاوڙو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته علم دين مغل مسڪين آھي جيڪو فرنيچر جو ڪم ڪري پنھنجي گھر جو گذر سفر ڪندو ھو جنھن کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو آهي، مغوي جي بازيابي لاءِ 40 لک رپيا ڀنگ گھرن ٿا نه ڏيڻ تي قتل جي ڌمڪي ڏني وئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته علم دين مغل کي جلد بازياب ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.