دادو ۾ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگيون، 2 عملدار فارغ

دادو (رپورٽ غوث جھتيال ) دادو ۾ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگين جي الزام ۾ 2 روينيو آفيسرن ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر-I دادوجاويد علي لاڙڪ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاھنواز ميراڻي کي ڪمشنر حيدرآباد جي ھدايتن تي ٻنهي آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو. ترجمان جو چوڻ ھو ته ٻنهي روينيو آفيسرن ھڪ خانگي پارٽي ايم ايس لنڊ جي غير قانوني حمايت ڪئي، ڪمشنر حيدرآباد موجب سکر آءِ بي اي ڪيمپس ۽ سنڌ يونيورسٽيڪي ڪئمپس لاءِ زمين الاٽمينٽ ۾ مبينا فراڊ ڪري زمين خانگي بلڊر کي الاٽ ڪئي وئي، ڪمشنر حيدرآباد جي رپورٽ ۾ ٻنهي آفيسرن تي سنڌ حڪومت جي مفادن جي خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام آھي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ٻنھي آفيسرن خلاف انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.