پشاور( م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي پر صوبي جي ڪنهن به آفيسر کي سياسي انتقام جو نشانو ناهي بڻايو. اسان سڀ ڪجهه وساري ملڪ خاطر اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، عدالتن مان رليف ملڻ باوجود اسان کي رليف نه ڏنو پيو وڃي، هتي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن سي پي اين اي وفد سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته آزاد پختونستان جي حق ۾ ناهيان، حقيقي جمهوريت گهرجي. ملڪ جي سلامتي خلاف ڪنهن به اهڙي بيانيي جي حمايت نه ڪندس . پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير چيو ته رياست جي چوٿين ستون جي حيثيت ۾ ميڊيا ۽ صحافين تي وڏيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون، هر فرد ۽ هر شعبي ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. اميد آهي ته اسان جو ميڊيا پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ ادا ڪندو.