ڪي اين شاهه لڳ ڪاڇي ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشد ٻگهيو)ڪي اين شاهه تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ميان نصير محمد ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شهمير  جا مقام ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 35 سالن جو نادر علي چانڊيو مارجي ويو، مقتول جو لاش تعلقي اسپتال ڪي اين شاهه آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس موجب پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، وارث عورتن پاران جوابدارن کي پٽون پاراتا ڏيندي ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن اختيارين کان جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.