حيدرآباد ( رپورٽر) حيدرآباد جي ڪوهه نور چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته نئون چيف جسٽس منصور علي شاهه هوندو، قوم آئيني ترميم جي نالي تي هٿ چراند قبول نه ڪندي، اپوزيشن کي آندو وڃي، هن چيو ته مسودن جي تيارين کي ڇڏيو آئيني ترميم کي مڪمل تيار تي رد ڪيو وڃي، هن چيو ته خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو جن آئيني ترميم تي ووٽ ڪيو ان سمجهو پنهنجي منهن تي ڪارنهن ملي آهي، هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. حافظ نعيم چيو ته قاضي فيض عيسيٰ جو 3 مهينا اڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جسٽس منصور علي شاهه کي چوان ٿو ته چيف جسٽس بڻجي وڃي انصاف ڪجو، اسٽيبلشمينٽ کان ڊڄو ٿا ته پوءِ عهدو وٺڻ کان انڪار ڪيو، قوم اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي حق ۾ تحريڪ هلائي پر هو انصاف نه ڪري سگهيو. هن چيو ته 29 سيپٽمبر تي عوام جي حقن لاءِ ملڪ جي اهم شاهراهن تي ڌرڻا لڳائينداسين، هن چيو ته سنڌ تي 16 سالن کان پ پ جي حڪومت مڙهيل آهي جنهن غربت ۽ بدحالي کان علاوه ڪجهه به ناهي ڏنو. سنڌ ۾ هر طرح طرف تباهي آهي، روڊ رستا تباهه حال آهن، لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب مريض اسپتالن ۾ دربدر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سڀاڻي کان ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين احٽجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.