اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي تي نظر ثاني واري ڪيس جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تي ٿيندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي، جنهن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس مظهر عالم ميان خيل شامل هوندا. سپريم ڪورٽ 30 سيپٽمبر تي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ڪاز لسٽ موجب نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي سومر تي 11.30 وڳي ٿيندي، واضح رهي ته 17 مئي تي سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته پارٽي کان باغي ٿي ويل اسيمبلي ميمبرن جو پارٽي پاليسي خلاف ڏنل ووٽ نه ڳڻيو ويندو. جڏهن ته تاحيات نااهلي يا نااهلي جي مدت بابت فيصلو پارليامنٽ طئي ڪري. اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي فيصلو 3 کان 2 جي اڪثريت سان ٻڌايو هو، اڳوڻو چيف جسٽس عمر عطابنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر چيو ته نااهل ميمبر جي ڏنل ووٽ کي ڳڻڻ نه گهرجي، جڏهن ته جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو هو.