راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن چيف جسٽس ائين ناهي ڪيو جيئن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس جيڪي حرڪتون ڪري پيو ان مان ذهني طور تندرست نٿو لڳي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهي ٽي امپائر ۽ ٽي رانديگر آهن چوٿين انهن سان پي ڊي ايم مليل آهي سڀني کي هڪٻئي جي ضرورت آهي، قاضي فائز عيسيٰ پهريان ئي مُدي ۾ واڌ جو منصوبو ڪري ڇڏيو هو، پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسڻ وارو چيف جسٽس جو فيصلو جانبدراڻو هو، سپريم ڪورٽ جي ججن مخصوص سيٽن واري ڪيس جي فيصلي ۾ اِهو واضح ڪري ڇڏيو آهي چيف جسٽس پهريان فراڊ اليڪشن کي تحفظ ڏنو هاڻي پي ٽي آءِ جي سيٽون کسڻ چاهي ٿو، قاضي فائز عيسيٰ مُدي وڌائڻ جي لالچ ۾ پي ٽي آءِ کي ڪرش ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس ٽريبيونلز بدران اليڪشن ڪميشن جي امپائرن جو فيصلو ڪرائي ڇڏيو ته جيئن اڪثريت حڪومت کي ڏئي سگهجي، چيف جسٽس هاڻي 63 اي جي پٺيان پئجي ويو آهي ته جيئن فلور ڪراسنگ کي جائز قرار ڏئي سگهجي ۽ کيس ملازمت جي مدي ۾ واڌ ملي سگهي.