سپريم ڪورٽ تشريح جي آڙ ۾ آئين کي ٻيهر نٿي لکي سگهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت 8 ججن جي 14 سيپٽمبر واري وضاحتي حڪمنامي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي، سپريم ڪورٽ تشريح جي آڙ ۾ آئين کي ٻيهر نٿي لکي سگهي، اليڪشن ڪميشن طرفان  داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي تي دير جو ذميوار اليڪشن ڪميشن ناهي، 12 جولاءِ واري فيصلي جي وضاحت لاءِ 25 جولاءِ تي درخواست داخل ڪئي، سپريم ڪورٽ 14 سيپٽمبر تي وضاحتي آرڊر جاري ڪيو، سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ پنهنجي 12 جولاءِ وارين هدايتن تي ڀڃڪڙي ڪئي، درخواست ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي دستاويزن تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ناهي ڪيو، عدالت تحريڪ انصاف جي دستاويزن تي ڪميشن کان جواب طلب ناهي ڪيو، اليڪشن ڪميشن طرفان داخل وضاحت جي درخواست کانپوءِ پارليامينٽ قانون سازي ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن طرفان درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت 14 سيپٽمبر واري وضاحتي حڪمنامي تي نظرثاني ڪري. تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ 41 ميمبرن کي تحريڪ انصاف تائين محدود ڪري ڇڏيو، آزاد ميمبرن جي سياسي پارٽي ۾ شموليت جو مدو ٽي ڏينهن آهي، سپريم ڪورٽ ميمبرن کي 15 ڏينهن ڏئي آئين جا لفظ بدلائي ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن چيو ته آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جا حلفي بيان جمع ڪرايا، عدالتي فيصلي ۾ ميمبرن جي حلفي بيان کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويو، جيڪڏهن بئريسٽر گوهر جا سرٽيفڪيٽس درست به مڃيا وڃن تڏهن به پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 39 نٿو ٿئي، تحريڪ انصاف ڪنهن فورم تي پنهنجي حق جي دعويٰ ناهي ڪئي، سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جو فيصلو آهي ته دعويٰ نه ڪرڻ واري کي پارٽي يا رليف نٿو ڏئي سگهجي، نظرثاني درخواست تي فيصلو اچڻ تائين اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.