اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيلن ڪالهه سپريم ڪورٽ ٻاهران آئيني عدالت خلاف سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. پي ٽي آءِ جي وڪيلن سپريم ڪورٽ ٻاهران گڏ ٿي آئيني عدالت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ان جي ميمبرن کان استعيفي’ جو مطالبو ڪيو ويو. احتجاج ۾ ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا، لطيف کوسا، اعظم سواتي، شعيب شاهين، نياز الله نيازي ۽ راجا بشارت به موجود هئا. پي ٽي آءِ وڪيلن جي قيادت چيو ته هن وقت جمهوريت تماشو بڻيل آهي، اڄ قانون جي ڀڃڪڙي عروج تي آهي، سپريم ڪورٽ مان گهڻيون اميدون آهن، هو هاڻي سپريم ڪورٽ جي اختيار کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته ڪنهن جي به مدي ۾ واڌ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان کي روڪينداسين. ان موقعي تي سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته هي ڪو سياسي معاملو ناهي، قانون جي حڪمراني نه هوندي ته ڪجهه به نه ٿيندو، آئيني پئڪيج جو مقصد ڪاري ڪورٽ قائم ڪرڻ آهي. شعيب شاهين چيو ته ترميمن جو مقصد سپريم ڪورٽ جي اختيار کي ختم ڪرڻ آهي. لطيف کوسا چيو ته ڪاري ڪوٽ جو وجود خطري ۾ آهي، اسان آزاد عدليه سان گڏ بيٺا آهيون.