غزا جي رت جا نشان صرف اسرائيل نه پر خاموش رهندڙن جي هٿن تي به آهن\شهباز شريف

نيويارڪ(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي نظام کي درپيش سنگين چئلينجن کي ڏسندي غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي ۽ قتل عام سميت نئين عالمي نظام جي گونج ٻڌي رهيا آهيون.  وزيراعظم پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي بدترين مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسان کي مذمت کان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان جارحيت کي فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته فلسطين جي پاڪ سرزمين تي وڏو سانحو پيش اچي رهيو آهي، فلسطيني ٻارن کي جيئرو دفن ڪيو پيو وڃي، ساڙيو پيو وڃي ۽ دنيا ڏسي رهي آهي.وزيراعظم چيو ته غزه ۾ مصيبت جي خاتمي لاءِ فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل جي ضرورت آهي، فلسطين کي فوري طور گڏيل قومن جي مستقل ميمبر جو درجو ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گاديءَ جو هنڌ القدس هجي. شهباز شريف چيو ته غزه جي ٻارن جو رت نه رڳو قابض قوتن جو آهي پر انهن تي به آهي جيڪي خاموش آهن. وزيراعظم چيو ته لبنان ۾ هاڻي اسرائيلي جارحيت شروع ٿي وئي آهي، لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت سبب خطي ۾ وڏي جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو ذڪر ڪندي چيو ته فلسطين وانگر والاريل ڪشمير جو عوام به ڊگهي عرصي کان آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، دنيا جي ڌيان ڇڪايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي، ٻاهران ماڻهن کي آڻي والاريل ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ آيو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني وفد واڪ آئوٽ ڪيو. نتنياهو اسٽيج وٺندي ئي جنرل اسيمبلي هال مان درجنين سفارتڪار، جن ۾ پاڪستان ۽ ايران جا به شامل هئا، ٻاهر نڪري ويا.  جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مون هتي ڪيترن ئي ڳالهائيندڙن کان ڪوڙ ٻڌو آهي، منهنجي ملڪ خلاف وڏو ڪوڙ ڳالهايو ويو آهي. اسرائيل امن چاهي ٿو ۽ هميشه امن چاهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان عربن ۽ يهودين جي دوستي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ هڪ ڊيل ٿيڻ واري هئي، پوءِ هڪ سانحو ٿيو .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.