جسٽس بابر ستار ٻيهر موڪلن تي هليو ويو،مختلف افواهه

اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار هڪ مهيني جي موڪل وٺي ڇڏي. جسٽس بابر ستار جي عدالت ۾ 30 سيپٽمبر کان 29 آڪٽوبر تائين ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جسٽس بابر ستار جي هڪ مهيني جي موڪل منظور ڪري ورتي. ايندڙ عدالتي هفتو سومر تي شروع ٿيندو.ان دوران سندس عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. قانون واري وزارت، چيف جسٽس جي سيڪريٽري ۽ رجسٽرار سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جسٽس بابر ستار گرمي جي ٻن مهينن جي موڪلن مان هڪ مهيني جي موڪل تي هو جڏهن ته هڪ مهيني تائين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا رهيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس بابر ستار موڪلون گذارڻ بعد به عدالت ۾ نه ويهندو،شايد ڊسمبر ۾ نه اچي، ڪجهه ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن نه اچي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.